قاضي احمد باءِ پاس تي ڪورئير وين وڻ سان ٽڪرائجي وئي، هڪ فوت، 2 زخمي

قاضي احمد )  رپورٽ مومن جوڻو ) قاضي احمد ۾ باءِ پاس چونڪ وٽ ڪراچي کان سکر ڏانهن ويندڙ ڪوريئر سروس وين تيز  رفتاري سبب وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب عبدالحميد بنڌاڻي، يوسف علي ۽ راشد علي گجر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ ڄڻي زخمي محمد يوسف لاڙڪ کي نازڪ حالت ۾ پي ايم يو اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ زخمي محمد يوسف لاڙڪ جنهن کي نازڪ حالت ۾ نواب شاهه پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ويو هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

راڻيپور لڳ ڪار جو چنگچي کي ٽڪر، ڊرائيور ۽ عورت فوت

راڻيپور ( ن ع آ ) راڻيپور لڳ ملهيراڻي سولنگي گيٽ ڀرسان خطرناڪ حادثو چنگچي رڪشه جو ڪار سان ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ شھباز ڪالوني خيرپور جو رهواسي  محمد اقبال سامٽيو ولد فضل محمد سامٽيو شديد زخمي ٿي پيو ۽ سندس جي گهرواري مسمات شھزادي سامٽيو ۽ شڪارپور جو رهواسي ڊرائيور نور محمد موقعي تي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آھي زخمي ۽ فوتين کي رورل هليٿ سينٽر آندو ويو آھي جتان زخمي کي فسٽ ايڊ بعد خيرپور اسپتال رفر ڪيو ويو آھي فوتين جا مڙھ رورل هيلٿ سينٽر آندا ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪار ۽ رڪشه کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي بعد فوتڻ مسمات شھزادي سامٽيو جو مڙھ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آھي

ڪڪڙ ويجهو مسافر ڪوچ ۾ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ فوت، 5 زخمي

ڪڪڙ ( ن ع آ ) ڪڪڙ کان 10 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي انڍس ھاءِ وي روڍ تي فجر ڌاري  چودگي اسٽاپ  وٽ ڪوچ جو اوور ٽيڪ دوران مزدا کي ٽڪر لڳڻ جي  نتيجي دوران  ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي  نتيجي ۾ مزدا مسافر  لڪي مروت واسي 35 ورھين جو ابل امين پٺاڻ  چيپاٽجي فوت ٿي ويو ۽ ڪوچ ۽ مزدا گاڏي جي گڏيل طور 5 مسافر زخمي ٿي پيا، جن ۾ اشرف پٺاڻ، نعيم ڪلھوڙو،  سجاد نادر سميت ٻيا شامل آھن، ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ ڪري معصوم ٻارڙن عورتن ۽ پير سن مردن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا، جنھن ڪري اآس پاس جي علائقن جي ماڻھون حادثي واري ھنڌ پھچي ڪوچ ۾ ڦاٿل ماڻھن کي ٻاھر ڪڍي سندن زندگي بچائي ورتي مزداا ۽ ڪوچ جي مسافرن جو عيد جو سامان پئسا پڻ چوري ڪري ويا، زخمين ۽ فوت ٿي ويل کي چودگي پوليس دادو اسپتال کڻائي ويا سندن علاج جاري آھي ٻڌايو پيو وڃي ته مسافر ڪوچ ڪراچي کان مسافر کڻي لاڙڪاڻي طرف ۽ مزدا لاڙڪاڻي کان ڪراچي طرف گاڏيون وڃي رھيون ھيون .

 ٺيڙهي باءِ پاس وٽ ڪوچ ڊرائيور جي طبيعت خراب، اسپتال ۾ فوت

خيرپور(ڊر)خيرپور ڀرسان قومي شاهراهه ٺيڙهي باءِ پاس وٽ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ جي ڊرائيور سهيل احمد جي گذريل  ڏينهن ڪوچ هلائڻ دوران اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي جنهن فوري طور تي مسافر ڪوچ کي سائيڊ تي بيهاري ڪيترن ئي مسافرن جون حياتيون بچائي ورتيون  بعد ۾ ڪوچ ڊرائيور سهيل احمد کي سول اسپتال خيرپور ڏانهن آندو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ ڪوچ جي ٻئي عملي فوتي ڊرائيور جو لاش پنهنجي اباڻي علائقي پنجاب ڏانهن کڻائي ويا هوڏانهن  مسافر ڪوچ جي مسافرن کي پڻ متبادل ڊرائيورجي ذريعي پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن پهچايو ويو

گهوٽڪي ويجهو رڪشو ڪلٽي، ڊرائيور مرڻينگ

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ويجهو چنگچي رڪشو ڪلٽي بهاولپور شهر جو رهواسي ڊرائيور مظهر راجپوت زخمي۔گهوٽڪي  ٽول پلازا ڀرسان چنگچي رڪشو وڻ سان ٽڪرائجڻ سبب ڪلٽي ٿي پيو جنهن نتيجي ۾ احمد پور ضلعي بهاول شهر جو رحواسي 25 سالن جو رڪشا ڊرائيور مظهر راجپوت سخت زخمي ٿي پيو۔ زخمي کي اعلاج لاء پوليس  کڻاڻي گهوٽڪي تعلقا اسپتال پهچايو۔ جتان نازڪ حالت ۾  نوجوان کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ ٻڌايو پيو وڃي ت رڪشا ڊرائيور نوجوان مظهر راجپوت ڪراچي کان واپس پنهنجي ڳوٺ احمد پور وڃي رهيو هو ت کيس اچانڪ رستي ۾ هي واقعو پيش آيو .

گهوٽڪي ڀرسان ٽريڪٽر ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ گل مهر ۾ ٽريڪٽر پاڻي جي دٻي ۾ ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه سڳا سوٽ ميرحسن مهر ۽ عبدالحميد مهر سخت زخمي ٿي پيا جن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو ، جڏهن اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ ھجڻ ۽ بروقت علاج نه ٿيڻ تي هڪ ڄڻي سورنهن سالن جي نينگر ميرحسن مهر کي رحيم يار خان  نيو پئي ويو ته  هو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو ، اهڙي واقعي بعد فوتي نينگر جي گهر ۾ قهرام متل آهي .

ٽنڊي محمد خان لڳ ڪار جي ٽڪر ۾نوجوان فوت

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر) ٽنڊو محمد خان جي ملاڪاتيار روڊ تي ڏوڏي واھ ڀرسان تيز رفتار ڪار جي  ٽڪر ۾ راهگير 23 ورهين جو نوجوان ڪويت پٽ ڪرشن ڪولهي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال ٽنڊو محمد خان ۾ آندو پئي ويو ته هُو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ، جنهن جو لاش سول اسپتال پهچايو ويو جتان ضروري ڪاغذي ڪاروائي ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته ڪار ڊرائيور جو نالو عرس سمون ٻڌايو پيو وڃي ، پوليس موجب حادثي واري واقعي کانپوءِ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.