راحت فتح علي خان جو عيد تي مداحن کي تحفو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور راڳي راحت فتح علي خان وڏي عيد تي مداحن کي نئين گيت جي صورت ۾ وڏو تحفو ڏئي ڇڏيو.

راحت فتح علي خان نئون گيت ”غم عاشقي تيرا شڪريا“ رليز ڪيو آهي، جنهن کي مداحن طرفان ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.

اهو گيت مشهور شاعرا پروين شاڪر جي شاعري تي ٻڌل آهي، جنهن کي هيل تائين يو ٽيوب تي 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.