اڏاوتي شعبي کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪنداسين: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت اڏاوتي شعبي کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عمران خان کي ٻڌايو ويو ته ڪميٽي اڏاوتي شعبي، خاص طور بلڊرز ۽ ڊويلپرز لاءِ حوصلا افزائي جو ذريعو ثابت ٿي رهي آهي ۽ حڪومت جي ڏنل مراعتن سان اڏاوتي شعبي جي سرگرمين کي هٿي ملي رهي آهي.

اجلاس ۾ وزيراعظم اهو عزم ورجايو ته اڏاوتي شعبي کي هر ممڪن سهولت ڏينداسين، تعميراتي سرگرمين کي هٿي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، بلڊرن لاءِ ون ونڊو سهولت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت نگراني ڪئي ويندي.

اجلاس جي پڌرائيءَ موجب بلڊرز وزيراعظم کي 300 ارب رپين جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي، ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊويلپرز (آباد) اڏاوتي منصوبن تي 4 کان 5 مهينن ۾ ڪم جي شروعات جي خاطري ڪرائي.

پڌرائيءَ موجب آباد تعميراتي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي ۽ اهو به چيو ته 13 وڏا اڏاوتي گروپ 6 مهينن ۾ هڪ لک گهرن جي اڏاوت شروع ڪندا.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته نون رهائشي منصوبن کي گئس، بجلي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي وقت تي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.