افغان صدر طرفان عيد تي 500 طالبان قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان صدر عيد الاضحيٰ تي 500 طالبان قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

عيد الاضحيٰ جي موقعي تي قوم کي خطاب ڪندي افغان صدر اشرف غني، طالبان پاران عيد دوران جنگ بندي جي اعلان جي ردعمل ۾ طالبان قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

اشرف غني چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته طالبان جنگ بندي جي اعلان کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندا.

افغان صدر چيو ته قيدين کي ايندڙ چئن ڏينهن ۾ آزاد ڪيو ويندو ۽ آزاد ٿيڻ لاءِ 500 طالبان قيدين کي حڪومت طرفان فراهم ڪيل فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو.

هن چيو ته طالبان طرفان فراهم ڪيل فهرست ۾ 400 قيدي سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا، جن کي آزاد ڪرڻ جو اختيار ناهي، ان لاءِ جرڳي ۽ افغان قبائلين سان صلاح مشورا ڪندو.

افغان صدر اشرف غني چيو ته افغان حڪومت جنگ ۽ امن ٻنهي ۾ مضبوط پوزيشن رکي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.