ڌاٻيجي جي سماجي اڳواڻ ٺٽي ضلعي جي زمين تي قبضي خلاف تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي.
حاجي محسن ٿهيم چيو ته ٺٽي ضلعي جي زمينن تي مافيا طرفان قبضا ڪيا پيا وڃن.
هن چيو ته ڪوهستان جي هزارين ايڪڙ زمين ڀڳڙن مٺ عيوض بلڊر کي ڏئي ظلم ڪيو ويو آهي.
حاجي محسن ٿهيم چيو ته عيد کانپوءِ ضلعي جي زمين تي قبضن خلاف تحريڪ هلائي ويندي.