تمام جلد پنهنجا خوبصورت ٻار ڏسڻ چاهيان ٿي: نورا فتحي

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين ڄائي ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل نورا فتحي چيو آهي ته مان تمام جلد پنهنجي فيملي ٺاهڻ ۽ پنهنجا خوبصورت ٻار ڏسڻ چاهيان ٿي.

ڀارتي شو بگ باس ذريعي شهرت حاصل ڪندڙ نورا فتحي ڪورونا لاڪ ڊائون دوران پاڻ کي گهڻي وقت کان مڪمل قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي پر سوشل ميڊيا تي مداحن سان جڙيل رهندي آهي.

هڪ انٽرويو ۾ نورا فتحي چيو ته مون کي پنهنجو خاندان شروع ڪرڻ ۽ پنهنجا ٻار ڏسڻ جي تڪڙ آهي، مان اڳ ۾ ڪڏهن ان معاملي تي نه سوچيو هو پر لاڪ ڊائون دوران پنهنجي زندگي بابت سوچڻ جو وقت مليو، مون کي احساس ٿيو ته پنهنجي صحت، پنهنجي پيارن ۽ خاندان جو قدر ڪرڻ گهرجي.

هن چيو مون کان انتظار نه پيو ٿئي ته ڪڏهن مان پنهنجي فيملي ٺاهينديس ۽ پنهنجا خوبصورت ٻار ڏسنديس.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي هڪ ويجهي دوست جو پيءُ ڪورونا سبب گذريل عيد تي لاڏاڻو ڪري ويو، جيڪو مون لاءِ برداشت ڪرڻ ڏکيو هو، پنهنجي دوست کي ان حال ۾ ڏسڻ سولو نه هو، ان واقعي مون کي پريشان ڪري ڇڏيو هو.

نورا فتحي موجب والدين کان محروم هجڻ خوفناڪ احساس آهي، مان صبح جو اٿندي آهيان ته پنهنجي جيئري هجڻ تي خدا جو شڪر ادا ڪندي آهيان ته صحتمند آهيان ۽ منهنجو خاندان به صحتمند ۽ سلامت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.