”حيدر علي جي صورت ۾ پاڪستان کي ٻيو بابر اعظم ملي ويو“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڪمينٽريٽر رميز راجا نوجوان بيٽسمين حيدر علي کي پاڪستان لاءِ ٻيو بابر اعظم قرار ڏئي ڇڏيو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رميز راجا جو چوڻ هو ته حيدر علي جي صورت ۾ پاڪستان کي هڪ ٻيو بابر اعظم مليو ويو آهي، جيڪا ملڪ لاءِ وڏي ڪاميابي آهي.

انگلينڊ دوري تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستاني بيٽسمينن جي وڏي اننگز جو فن سکڻو پوندو، رڳو ففٽين سان ڪم نه هلندو، جيڪڏهن 3 بيٽسمين به ففٽيون اسڪور ڪن ٿا ته ڪافي ناهي، بيٽسمينن کي ففٽي کانپوءِ ان کي سينچري ۾ تبديل ڪرڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته انگلينڊ وٽ مضبوط بالنگ اٽيڪ آهي، انگلش بالرن ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ شارٽ پِچ بال ڪرائي ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ لائن تباهه ڪري ڇڏي، پاڪستاني بيٽسمينن کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ به اهي بائونسر جا حربا استعمال ڪندا، پاڪستان کي ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ لائن جي تباهي مان سبق سکڻ گهرجي.

رميز راجا موجب مان اڳ ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته پاڪستان کي 3 اوپنرن سان کيڏڻ گهرجي، ڇو ته انگلينڊ خلاف جنگ نئين بال سان هوندي، پاڪستاني بيٽسمينن کي دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، بيٽسمينن لاءِ اصل چئلينج نئين بال سان انگلش بالرن جو مقابلو ڪرڻ هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.