”لڳي ٿو خاص مددگار معاملا پيو هلائي ۽ پيٽرول بحران جو ذميوار به اهو ئي آهي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي حڪومت جي ڇنڊ پٽيندي چيو آهي لڳي ٿو ته خاص مددگار سڀ ڪجهه هلائي رهيو آهي ۽ ان بحران جو ذميوار به آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيٽرول جي کوٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس محمد قاسم خان ڪئي، جتي پيٽرول بحران تي وزيراعظم جي سربراهي ۾ ڪابينا اجلاس جا منٽس پيش ڪيا ويا.

چيف جسٽس محمد قاسم خان چيو ته فيصلو ڪابينا ڪندي آهي ۽ ان ۾ وزيراعظم يا وزير ناهي هوندو، جنهن ميٽنگ منٽس ٺاهيا، ان وزيراعظم کي خوش ڪرڻ لاءِ ٺاهيا، ميٽنگ منٽس وزيراعظم جي نالي سان ٺاهيا ويا، ان وڏي پئماني تي اهڙي غلطي ڪهڙي معنيٰ رکي ٿي؟

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته الزام لڳندو آهي حڪومت اڻ چونڊيل ماڻهو هلائي رهيا آهن، اڻ چونڊيل ماڻهو ته پنهنجو ٿيلهو کڻندا آهن ۽ آفيسن مان هليا ويندا آهن، جيڪو چونڊيل هوندو آهي، ان کي عوام ۾ وڃڻو پوندو آهي، چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل ماڻهو ۾ اهو ئي فرق آهي.

هن چيو اسپيشل اسسٽنٽ اهو ناهي ٻڌايو ته پيٽرول جي سپلاءِ گهٽ آهي، چئي ٿو ماڻهن گهڻو پيٽرول ورتو، جنهن جي ڪري بحران پيدا ٿيو.

چيف جسٽس چيو ته ميٽنگ منٽس مان لڳي ٿو پيٽروليم وزارت ذميوار ٿئي ٿي پر پيٽروليم وزارت چئي ٿي ته سڄي ذميواري اوگرا جي آهي، يا ته پيٽروليم وزارت يا اوگرا ٺيڪ ڪم ناهي ڪيو يا ٻنهي ڪم نه ڪيو، لڳي ائين ٿو ته خاص مددگار وزارت هلائي رهيو آهي ۽ بحران جو ذميوار به اهو ئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.