گلگت بلتستان ۾ ايندڙ عام چونڊون ملتوي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن 2 جولاءِ تي جاري چونڊ شيڊول معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

تفصيل موجب گلگت بلتستان ۾ شيڊول ايندڙ عام چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن ۽ اليڪشن ڪميشن 2 جولاءِ تي جاري چونڊ شيڊول معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري به ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن 2 جولاءِ تي چونڊ شيڊول جاري ڪيو هو، 2 جولاءِ واري نوٽيفڪيشن موجب 18 آگسٽ تي پولنگ ڊي مقرر ڪيو ويو هو، پر هاڻ چونڊ شيڊول چيف ڪورٽ گلگت بلتستان جي فيصلي تي معطل ڪيو ويو آهي ۽ ڪورٽ فيصلي تي نئون چونڊ شيڊول جاري ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.