مراد علي شاهه نيب ۾ پيشيءَ لاءِ اسلام آباد پهچي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه نيب ۾ پيش ٿيڻ لاءِ اسلام آباد پهچي ويو.

ذريعن موجب سيد مراد علي شاهه جعلي اڪائونٽس ۽ سنڌ روشن پراجيڪٽ ڪيس ۾ سڀاڻي نيب راولپنڊي ۾ پيش ٿيندو.

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه خاص جهاز ذريعي ڪراچي کان اسلام آباد پهتو.

واضح رهي ته 4 جون تي پڻ سيد مراد علي شاهه نيب راولپنڊي ۾ پيش ٿيو هو، جتي کانئس جعلي اڪائونٽس ۽ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي حوالي سان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي.

ڊي جي نيب راولپنڊي عرفان منگي جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي سيد مراد علي شاهه کان سوال ڪيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.