ارڙهين ترميم تي ڳالهائڻ صدر جي عهدي جي خلاف آهي: اسفنديار ولي

پشاور(ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي سربراهه اسفنديار ولي خان چيو آهي ته ارڙهين ترميم تي ڳالهائڻ  صدر جي منصب جي خلاف آهي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ارڙهين ترميم ملڪ جي بقا ۽ ٻڌي جي ضامن آهي، صدر ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جو نه پر سڄي ملڪ جو سربراهه هوندو آهي.

سندس چوڻ هو ته جيڪو به خودمختياري تي يقين رکي ٿو اُهو ان ترميم جي خلاف ڳالهه نه ڪندو، سمورا صوبا ان ترميم مان مطمئن آحن صدر کي پنهنجي عهدي جو پاڻ احترام ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته جيڪڏهن هن کي شوق آهي ته استعيفيٰ ڏئي پي ٽي آءِ جي پليٽ فارم تان عملي سياست ۾ اچي، صدر کي هر حال ۾ صوبن جي مفادن جو خيال رکڻو هوندو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته صدر ڪهڙي منهن سان چئي رهيو آهي ته ارڙهين ترميم تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، ميڊيا تي ان جي حوالي سان هلندڙ خبرون افسوس جوڳيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.