ملير: ايس ٽي پي جو ڄام عبدالفتاح سميجو کي ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ملير: اي ٽي پي جو ڄام عبدالفتاح سميجو کي ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽملير: اي ٽي پي جو ڄام عبدالفتاح سميجو کي ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج

ترقي پسند پارٽي ضلعي ملير پاران  ڄام عبدالفتاح سميجو کي ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ايس ٽي پي ملير  جي ڪارڪنن خير محمد مگسي، شبير چانڊيو، صدا بليدي ۽ ٻين پاران ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڄام عبدالفتاح وڏيرن ۽ جاگيردارن جي زيادتين ۽ عوام دشمن پاليسين خلاف سدائين جدوجهد ڪندو رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي عوام خاص ڪري گهوٽڪي جي عوام ساڻس بي انتهاءَ محبت ڪري ٿو.

هنن چيو ته ترقي پسند پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڪنهن جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهن ڄام فتاح سميجو اڪيلو نه آهي ان سان سڄي سنڌ سندس گڏ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.