شهباز شريف جو جج ارشد ملڪ جي برطرفي تي شڪر جو اظهار

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جج ارشد ملڪ جي برطرفي جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي 7 جج صاحبن جي فيصلي تي شڪر جو اظهار ڪيو.

شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته الله تعاليٰ جي حضور سجدو ٿو ڪيان ته هن ملڪ ۽ قوم کي مخلصاڻو خدمت ڪندڙ محمد نواز شريف جي بي گناهي ثابت ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته ثابت ٿي ويو ته جج انصاف تي ٻڌل فيصلو نه ڏنو هو ۽ 3 ڀيرا چونڊيل وزير اعظم کي ناحق سزا ڏني.

شهباز شريف چيو ته سچائي سامهون اچڻ تي انصاف جي تقاضا آهي ته محمد نواز شريف جي خلاف سزا کي ختم ڪيو وڃي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪميٽي جو فيصلو اصل ۾ محمد نواز شريف جي بي گناهي جو ثبوت آهي، پارٽي ڪارڪنن ۽ عوام کان اپيل آهي ته محمد نواز شريف جي بي گناهي ثابت ٿيڻ تي شڪر جا نفل ادا ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.