شيخوپوره: ڪراچي کان لاهور ويندڙ ٽرين ويگن سان ٽڪرائجي پئي، 20 ڄڻا فوت

شيخوپوره(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي علائقي شيخوپوره ۾ فاروق آباد ڦاٽڪ ڀرسان مسافر ويگن ڪراچي کان لاهور ايندڙ ٽرين شاهه حسين ايڪسپريس سان ٽڪرائجي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا.

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) غازي صلاح الدين حادثي ۾ 20 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

ريسڪيو 1122 جي ڊسٽرڪٽ انچارج رانا اعجاز ٻڌايو ته لاش ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته حادثي واري جاءِ تي زخمي ٿيل 8 ڄڻن مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي.

ڊي پي او غازي صلاح الدين ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي ته واقعي وقت ڦاٽڪ بند هو پر ڊرائيور ڪجهه دير بيهڻ کان پوءِ جلد بازيڪندي ٿورو پوئتي وڃي ڦاٽڪ ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو ۽ حادثي ۾ ڊرائيور به نه بچي سگهيو.

ڊي پي او وڌيڪ ٻڌايو ته فوت ٿيلن ۾ پاڪستاني ۽ سک ياتري هئا جيڪي 3 ڪوسٽرز ۾ سوار هئا جنهن مان 2 ڪوسٽر اڳتي نڪري چڪا هئا.

هن وڌيڪ تفصيل کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته اهي ماڻهو پشاور کان پنهنجي مائٽن وٽ ننڪانه صاحب آيا هئا.

ٻئي پاسي ان حوالي سان ريلوي جي ترجمان ٻڌايو ته ڪراچي کان لاهور ايندڙ 43 اپ شاهه حسين ايڪسپريس مينڊل ليول ڪراسنگ تي اي سي ڪوسٽر سان ٽڪر ٿيو جنهن ۾ 15 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي.

ريلوي جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ريلوي ۽ ضلعي ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهتي ٽريڪ جي بحالي، زخمين ۽ فوت ٿيلن کي ڪوسٽر مان ڪڍڻ ۾ مصروف آهن.

ريلوي جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته سمورن ڊويزنل آفيسرن کي واقعي واري جاءِ ڏانهن روانو ڪيو ويو.

گڏوگڏ ئي هن چيو ته حادثي کان پوءِ ريلوي فوري طور تي ڊي اي اين کي معطل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ذميوارن خلاف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ان کان سواءِ وزير اعظم عمران خان شيخوپوره ۾ ٽرين حاڊٿي ۾ قيمتي جانين جي زيان گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ زخمين کي بهتري طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.