حنيف عباسي ۽ سندس گهرڀاتين جا منجمد اثاثا بحال

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي منشيات جي خاتمي جي خاص عدالت ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي ۽ سندس گهر ڀاتين جا اثاثا منجمد ڪرڻ جو قدم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ايفي ڊرين ڪيس ۾ حنيف عباسي ۽ سندس گهرڀاتين جا اثاثا منجمد ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي عدالت سندن اثاثا منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

حنيف عباسي طرفان اثاثن جي بحالي جي درخواست تي منشيات جي خاتمي جي خاص عدالت جي جج سهيل ناصر فيصلو ٻڌائيندي ن ليگ اڳواڻ، سندس گهر ڀاتين ۽ ويجهن مائٽن احمد بلال ۽ محسن خورشيد جا اڪائونٽس به بحال ڪري ڇڏيا.

منجمد ڪيل اثاثن ۾ مجموعي طور تي 10 بئنڪ اڪائونٽ، 3 گاڏيون، 3 پلاٽ ۽ 2 ڪوٺيون شامل هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.