ڪوٽڏيجي واسڻ گمبٽ واسي سان پرڻو ڪري ڇڏيو

خيرپور (ڊ ر) تعلقي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ محمد هاشم ڀٽي جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات سورٺ ڌيءَ منير احمد ڀٽي گهران نڪري خيرپور ۾ پنهنجي وڪيل جي معرفت گمبٽ جي اسٽيشن روڊ جي رهواسي نوجوان رضوان احمد ولد محڪم الدين کهڙو سان عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي اطلاع بعد ناريءَ جي مائٽن طرفان جوڙي کي ڪارو قرار ڏيئي قتل ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. اهڙن اطلاعن سبب جوڙو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ دربدري جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ تحفظ خاطر خيرپور ۾ صحافين آڏو پهچي ناريءَ جي مائٽن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته هنن پنهنجي مرضي سان شريعت محمدي مطابق نڪاح ڪيو آهي مگر ان ڳالهه تي سندن مائٽ ناراض آهن ۽ کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزامن هيٺ قتل ڪرائڻ چاهين ٿا هنن مطالبو ڪيو ته سندن زندگيون خطري ۾ آهن کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچائيون وڃن.

لاڙڪاڻي ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) ڊيرا مراد جمالي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ لاڙڪاڻي شهر جي الله آباد پاڙي جي رهواسڻ نصرت جوڻيجو پنهنجي رڪشا ڊرائيور پورهيت مڙس ڪشمير بليدي سان گڏجي تحفظ لاءِ احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته مون 5 جون جي ڏينهن گهران نڪري پاڙي جي رهواسي نوجوان ڪشمير بليدي سان ڊيرا مراد جمالي جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن کان پوءِ منهنجي پيءُ روشن ۽ ڀاءُ معشوق علي جوڻيجو حد جي الله آباد ٿاڻي تي مڙس ڪشمير، سندس پيءُ ڪوڙل، چاچن نظير، گل، مامي ذوالفقار ۽ پڦڙ نظام تي منهنجي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو جنهن تي پوليس مڙس جي گهر تي چڙهائي ڪري سندس پڦڙ نظام کي گرفتار ڪرڻ بعد گهر جو قيمتي سامان کڻي وئي آهي، هينئر پيءُ، ڀاءُ ۽ ٻيا مائٽ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اسان زال مڙس تحفظ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي پر ان جي باوجود الله آباد پوليس بيگناهه تنگ ڪري رهي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.