بدين ۾ کنڀي گم ڪيل ڊاڪٽر آيت الله جروار جي آزادي لاءِ بک هڙتال

بدين (ڊ ر) 2 ھفتا اڳ ٽنڊو باگو مان جبري طور کنڀي گم ڪيل وٽرنري ڊاڪٽر آيت الله جروار جي آزادي لاءِ ايوان صحافت بدين  اڳيان پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن بدين پاران 50 کان وڌيڪ وٽرنري ڊاڪٽرن دودو چانڊيو  ڊاڪٽر عبدالحفيط سومرو ڊاڪٽر عبدالرزاق ڪنڀر ڊاڪٽر امتياز سبيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صبح 10 وڳي کان 3 وڳي تائين علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر آيت الله جروار کي بي گناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنھن جو اڃان تائين ڪوبه  پتو ناهي پئجي سگهيو جڏهن ته ڊاڪٽر آيت الله غير سياسي ۽ پرامن شھري آهي ۽ ٽنڊو باگو جي مالوند ماڻهن جي مال جو  علاج ڪري کين سھولتون فراهم ڪندو رھيو آھي ۽ صاف شفاف ماڻهو آهي. ھنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وزير اعظم عمران خان وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه آئي جي سنڌ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر آيت الله جروار کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.