گمبٽ لڳ زال مڙس روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

گمبٽ (رپورٽ: الھداد اڄڻ) گمبٽ لڳ زال مڙس مبينا طور روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، ڳوٺ عطا محمد چانڊيو واسي نوجوان سڌير ماڙيچو ۽ سندس زال پوجا جي لاشن جي ڳولا جاري، خبرموجب، گمبٽ ريلوي اسٽيشن ويجهو ڳوٺ عطا محمد چانڊيو واسي 6 مهينا اڳ پرڻو ڪندڙ جوڙي 20 ورهين جي سڌير پٽ ڀورو مل ماڙيچو ۽ سندس گهرواري 19 ورهين جي پوجا ماڙيچو گهرو اڻبڻت تان گمبٽ مان گذرندڙ روهڙي ڪئنال جي پل تي پهچي مبينا طور روهڙي ڪئنال ۾ وهندڙ پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. روهڙي ڪئنال جي پل تي لاڪ ٿيل موٽرسائيڪل ۽ مبينا آپگهات ڪندڙ جوڙي جون چپلون هٿ اچڻ واري اطلاع تي گمبٽ انتظاميا ۽ پوليس پهچي وئي، پوليس واقعي واري هنڌ تان هٿ آيل سامان پنهنجي تحويل ۾ ورتو، جڏهن ته مختيارڪار گمبٽ صلاح الدين گهمرو عملي سميت واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ خانگي ٽوٻا گهرائي زال مڙس جي لاشن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي جوڙي جي وارثن ٻڌايو ته زال مڙس ۾ يا گهر ۾ ڪا به اڻبڻت نه هئي. گذريل رات دير سان سڀ گهرڀاتي ننڊ ستل هئاسين ته ٻئي زال مڙس موٽرسائيڪل تي سوار ٿي گهران نڪري ويا، بعد ۾ سندن کٽ خالي ڏسي جوڙي جي ڳولا ڪئي ۽ ڪٿي به هٿ نه آيا، جڏهن ته پوجا پهريل سونا ڳهه ڳٺا، ٻانهن مان ڪنگڻ ۽ واچ گهر ۾ ئي لاهي وئي آهي، اهڙي صورتحال ڏسڻ بعد سندن پويان ايندي روهڙي ڪئنال جي پل تي سندن موٽرسائيڪل ۽ ٻنهي جون چپلون هٿ آيون. نوجوان جي پيءُ جو چوڻ آهي ته تازو 6 مهينا اڳ شادي ڪندڙ جوڙو خوش هيو، جڏهن ته سڌير کي هيپاٽائيٽس جو مرض هيو، جوڙي پاران اهڙو انتهائي قدم کڻڻ جو ڪارڻ معلوم نه آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين روهڙي ڪئنال ۾ مبينا ٽپو ڏيندڙ جوڙي جا لاش هٿ اچي نه سگهيا ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.