اسان جي گارڊن سخت مزاحمت ڪئي: ڊائريڪٽر اسٽاڪ ايڪسچينج

ڪراچي: ڊائريڪٽر اسٽاڪ ايڪسچينج عابد علي حبيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگرد پهريا پارڪنگ ايريا ۾ آيا ۽ انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. اسان جي گارڊن دهشگردن سان مزاحمت به ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن پهچندي ئي اسٽاڪ ايڪسچينج گرائونڊ ۽ ٽريڊنگ هال ۾ فائرنگ ڪئي جنهن سبب موجود ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ڀرپاسي جي آفيسن ۾ لڪي جان بچائي. عابدعلي حبيب چيو ته تقريبن 200 ميمبرن مان 150 ميمبرن جون آفيسون اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ موجود آهن ۽ اهي روٽين سان ايندا آهن، جڏهن ته حملي وقت اسان به پاڻ کي آفيس ۾ بند ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.