مڊ ٽرم چونڊون ئي هاڻوڪين حالتن جو حل آهن: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مڊ ٽرم چونڊون ئي هاڻوڪين حالتن جو حل آهن. هڪ ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ملڪي معيشت ۽ عام ماڻهوءَ جو حال خراب آهي، ملڪ ڳنڀير حالتن ۾ ورتل آهي، موجوده حڪومت صرف ٻن سالن ۾ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. هنن حڪمرانن کي وڌيڪ وقت نه ٿو ڏئي سگهجي. عوام کي نوان حڪمران چونڊڻ گھرجن، جيڪي هن مشڪل گھڙي ۾ ملڪ کي بچائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.