دهشتگرد حملي باوجود پي ايس ايڪس ۾ هاڪاري رجحان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ دهشتگردن جي حملي باوجود ڪاروبار ۾ هاڪاري رجحان رهيو.

ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 242 پوائنٽن جي واڌ سان 34181 پوائنٽن تي بند ٿيو، ڪاروباري ڏينهن ۾ 486 پوائنٽن جي بينڊ ۾ ڪاروبار ٿيو ۽ بازار ۾ اڄ 15.69 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا.

شيئرز بازار جي ڪاروبار جي ماليت 5.62 ارب رپيا رهي، جڏهن ته سيڙپڪارن کي اڄ 67 ارب رپين جو منافعو ٿيو.

مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 6490 ارب رپيا رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.