ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 5 لکن کان به وڌي ويو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙن جو انگ 5 لکن کان وڌي ويو آهي.

ڀارتي اختيارين موجب ڇنڇر جي صبح گذريل 24 ڪلاڪن جي انگن اکرن جي حساب سان ملڪ ۾ ساڍا 18 هزار نوان ڪيس سامهون آيا.

سرڪاري انگن اکرن موجب ڪووڊ 19 جو شڪار وڌيڪ 385 مريضن جي لاڏاڻي کانپوءِ فوتين جو ڪُل انگ 15 هزار 885 ٿي ويو آهي.

طبي ماهرن جي اندازن موجب ڀارت ۾ ايندڙ مهيني جي آخر تائين 10 لک ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.