ڪورونا وبا گولڊن گلوب ايوارڊز تقريب به ملتوي ڪرائي ڇڏي

 

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب فلمي دنيا جي معتبر ترين ايوارڊز آسڪر کانپوءِ فلمي دنيا جي ٻئي معتبر ترين ايوارڊ جو اعزاز رکندڙ گلوڊن گلوب ايوارڊز جي تقريب به ٻن مهينن لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب گولڊن گلوب ايوارڊز جي تقريب هر سال جنوري جي شروعات ۾ ٿيندي آهي ۽ ان ئي تقريب کانپوءِ سڄي سال جي تقريبن جي شروعات ٿيندي آهي.

هالي ووڊ فورين پريس ايسوسيئيشن (ايڇ ايف پي اي) موجب گولڊن گلوب ايوارڊز تقريب جي انتظاميا تصديق ڪئي آهي ته هاڻ تقريب فيبروري جي آخر ۾ ٿيندي.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب گولڊن گلوب ايوارڊز کان اڳ هلندڙ مهيني 16 جون تي آسڪر اڪيڊمي به ايوارڊز تقريب کي ٻن مهينن لاءِ ملتوي ڪيو هو.

فلمي دنيا جي معتبر ترين ايوارڊز آسڪر جي تقريب 28 فيبروري تي ٿيڻي هئي پر هاڻ ٻه مهينا پوئتي ٿيڻ کانپوءِ اها به 25 اپريل 2021 ۾ ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.