ڪورونا سبب پي ايس ايل 6 وقت تي ٿيڻ به خطري ۾…!

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2020 ملتوي ٿيڻ سان پاڪستان سپر ليگ جي ايندڙ ايڊيشن تي به اثر پوندو.

ڪورونا وائرس سبب نه رڳو آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ وقت تي ٿيڻ پر ايندڙ سال پي ايس ايل به وقت تي ٿيڻ خطري ۾ پئجي وئي آهي، ڇو ته وائرس جي ڪري آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ آسٽريليا ۾ شيڊيول عالمي ڪپ ٿيڻ ممڪن نظر نه اچي رهيو آهي.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ٿيڻ جي صورت ۾ نئين امڪاني ونڊو طور فيبروري ۽ مارچ کي ڏٺو پيو وڃي.

آسٽريليا سان گڏوگڏ ڪورونا فري نيوزيلينڊ ۾ به آءِ سي سي ايونٽ ڪرائڻ جو آپشن موجود آهي ۽ نيوزيلينڊ ۾ وومينز ون ڊي ورلڊ ڪپ پڻ فيبروري ۽ مارچ ۾ شيڊيول آهي پر مينز ايونٽ ملتوي ٿيڻ سان ان کي قرباني ڏيڻي پوندي ۽ نئون شيڊيول ايندڙ سال ٿيندڙ پي ايس ايل 6 سان به ٽڪراءُ ڪندو.

جيڪڏهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فيبروري، مارچ 2021 ۾ ٿيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي پنهنجي ليگ لاءِ نئين ونڊو ڳولڻي پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.