ڪورونا کان بچاءَ لاءِ رڳو ماسڪ ڪافي ناهي: ڊبليو ايڇ او

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته رڳو ماسڪ پائڻ سان ڪورونا وائرس کان نٿو بچي سگهجي.

ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر تيدروس ايدهانوم موجب ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ لاءِ سماجي وٿي، هٿ صاف رکڻ ۽ پبلڪ هيلٿ کي يقيني بڻايو وڃي.

هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ، دڪانن ۽ ميڙاڪن ۾ ماسڪ پائڻ گهرجي، ڪلينڪن ۾ ڪم ڪندڙ عملو ماسڪ پائي، جڏهن ته 60 ورهين کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو يا بيمار ميڊيڪل ماسڪ پائين.

سندس چوڻ هو ته ڪپڙي جا ماسڪ اهڙا تيار ڪيا وڃن، جن ۾ 3 تَهه هجن، ڪاٽن، پولي پروپائلين ۽ پولي ايسٽرپولي پروپائلين جا ماسڪ ٺاهيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.