لاهور ۾ ڪورونا وائرس هڪ ٻئي ڊاڪٽرن کان حياتي کسي ورتي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ٻيو ڊاڪٽر لاڏاڻو ڪري ويو.

سروسز اسپتال ۾ انيسٿيزيا جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر مقصود علي ڪورونا وائرس سبب دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي.

اسپتال انتظاميا موجب انيسٿيزيا جو اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر مقصود علي ڪورونا جي مريضن جي علاج جي ڊيوٽي انجام ڏئي رهيو هو، ان ئي دوران هن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.

ڊاڪٽر مقصود ڪيترن ئي ڏينهن کان آءِ سي يو ۾ علاج هيٺ هو، جتي هو زندگي جي جنگ هارائي ويو.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور جي نجي اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽرياڻي ثنا فاطمه به ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.