ميرپور ماٿيلو: صحافي تي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين جي گارڊن جي فائرنگ، احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ميرپور ماٿيلو: صحافي تي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين جي گارڊن جي فائرنگ، احتجاج
عوامي آواز رپورٽ ميرپور ماٿيلو: صحافي تي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين جي گارڊن جي فائرنگ، احتجاج

ميرپور ماٿيلو ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي تي  ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين شهباز خان لنڊ جي گارڊن پاران فائرنگ ڪرڻ خلاف صحافين پاران ٿاڻي آڏو ڌرڻو

پ پ پ ايم اين اي سردار خالد احمد خان لنڊ جي پُٽ ميونسپل ڪميٽي ميرپور ماٿيلو جي چيئرمين مير شهباز خان لُنڊ جي گارڊن پاران عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي مٿان وڊيو رڪارڊ ڪرڻ تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ هو معجزاڻي طور محفوظ رهيو

هوڏانهن صحافي تي فائرنگ جي اطلاع تي ضلعي گھوٽڪي جا صحافي اسد پتافي، ثاقب گڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي پهچي ويا، جڏهن ته ميرپور ماٿيلي جي ايس ايڇ او شاهد ميمڻ ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين جي گارڊن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي صحافين پاران ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو

ان موقعي تي صحافين جو چوڻ هو ته جيسيتائين فائرنگ ڪندڙن تي ڪيس داخل نه ڪيو ته سندن احتجاج جاري رهندو …..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.