شهدادڪوٽ ۾ بيواهه جو ملڪيت مان حصو نه ملڻ خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ (ڊ ر) شهدادڪوٽ ۾ بيواه عورت پاران  مڙس جي ملڪيت مان حصو نه ملڻ ۽ ويڳن پٽن پاران  موت مار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي تي   غريب آباد پاڙي جي رھواسڻ مسمات ڀائل زال علي گوهر مگسي  دانهيندي چيو ته   فوتي مڙس علي گوهر مگسي جون ٻه شاديون ٿيل هيون، جنهن کي ملڪيت ۾  3 جايون,2 دڪان ۽ ديهه نور پور ۾ 80  جريب زرعي زمين موجود آهي پر ڄاڻايل سموري ملڪيت ويڳن پٽن   جي قبضي ۾ آهي جيڪي مون کي ۽ منهنجي پٽن کي حصو نه ٿا ڏين،  جڏهن ته حصو گهرڻ تان قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي ملڪيت مان حصو ڏياري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.