اڪري چودڳي ۾ ڏيرن خلاف پٽن سميت احتجاج

اڪري چودڳي(ن ع آ) اڪري چودڳي واسڻ مسمات شهربانو پٽن سميت پريس ڪلب اڪري پهچي دانهيندي چيو ته سندس  ڏير جاني دشمن بڻجي ويا آهن، کيس گهر خالي ڪرڻ لاءِ پٽن سميت قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، سندس ڏير قربان علي، رمضان علي، محرم علي، برڪت علي ۽ مهر علي کيس گهر مان بيدخل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سندس مڙس رحم علي کي ٽارچر ڪري ذهني مريض بڻائي ڇڏيون اٿئون ان کان زبردستي دستاويزن تي صحيحون ڪرائي اسان جي حصي جي زمين پڻ ڦٻائي ويا آهن، گهر جي جاءِ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اڄ به مارڪٽ پٽن سميت ڪڍي ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته جان کي خطرو ۽ هو لڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن ايس ايس پي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.