حيدرآباد: کنڀي گم ڪيل مهراڻ ميراڻي جي بازيابي لاءِ احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
حيدرآباد: کنڀي گم ڪيل مهراڻ ميراڻي جي بازيابي لاءِ احتجاج
عوامي آواز رپورٽ حيدرآباد: کنڀي گم ڪيل مهراڻ ميراڻي جي بازيابي لاءِ احتجاج

حيدرآباد ۾ کنڀي گم ڪيل مهراڻ ميراڻي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

قاسم آباد مان 5 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل شاگرد مهراڻ ميراڻي جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو مهراڻ ميراڻي جي  امڙ سڪينا، ڀاءِ شاهجهان، فياض قريشي، سرمد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي مهراڻ ميراڻي جي امڙ ۽ سندس ڀاءُ چيو ته مهراڻ جي آزادي لاءِ مسلسل احتجاج ۽ بک هڙتالون ڪيون آهن پر مهراڻ کي اڃان تائين ڪٿي به ظاهر ناهي ڪيو ويو

هنن چيو ته مهراڻ  مٿان ڪو به ڪيس آهي ته کيس ڪورٽن ۾ پيش ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي

مهراڻ ميراڻي جي وارثن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته نوٽس وٺي مهراڻ ميراڻي کي آزاد ڪرايو وڃي ……..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.