موت، پاڪستان اندر فُل سرڪس ۾ آهي

امداد سومرو

شايد اسان وٽ هر سانحي جو مُلهه هڪڙي پريس ڪانفرنس آهي، جيئن پي آءِ اي جي سي سي او لاهور کان ڪراچي لاءِ اڏام ڪندڙ بدنصيب جهاز جي حادثي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجو فرض پورو ڪيو. پريس ڪانفرنس دوران هن جي چهري تي پڇتاءُ ۽ الميي جي ڪيفيت جي جاءِ تي چالاڪ پروفيشنل تاثر هو ۽ ٻيو جن مهربانن جو هن بار بار ذڪر پئي ڪيو، ان مان هن جي پروفيشنل چالاڪي عيان هئي… نه رڳو ايترو پر ڪنهن جامع تحقيق کان اڳ ئي هن اهو به اعلان ڪيو ته جهاز ۾ ڪا به فني (ٽيڪنيڪل) خرابي نه هئي. جهاز ۾ جي ڪائي فني خرابي نه به هئي ته ڇا انڪوائري کان اڳ اهڙو اظهار ڪرڻ گهربو هو؟ هن خدا جو شڪر مڃيو ته آبادي، جتي جهاز ڪري تباهه ٿيو، اتي ايتري تباهي نه ٿي، جيتري سي سي او توقع ڪئي پئي… هاڻ جي ان قسم جا ماسٽر اسان جي ادارن جا سربراهه هوندا ته ظاهر آهي ته ان جا نتيجا اهڙا ئي نڪرندا جهڙا اوهين ۽ اسين ڏسي رهيا آهيون.

ڪورونا جي بحران سبب اڏامون بند هيون. پر جيئن ته اسان جي قوم جيان اسان جي حڪمرانن جي صبر جو پئمانو ڪنهن وبا، آفت ۽ مصيبت کان مرعوب نه ٿيندو آهي، ان ڪري اڏامون کولڻ جو اعلان ايئن ڪيو ويو جيئن ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد ريل کولڻ جو اعلان هُڙ تڙ ۾ ڪيو. هي سڀ اشرافيه طبقي جا ماڻهو آهن جيڪي ٽرينن ۾ سفر نه ڪندا آهن. هي سڀ مارڪيٽن ۾ نه ويندا آهن ۽ نه سندن اهل عيال… اهي محفوظ بنڪرن ۾ زندگي گذارن ٿا، ان ڪري ”موت جو مارڪيٽ“ جيڪڏهن کُليل آهي ته به عوام لاءِ آهي. ٽرينن کي باهه لڳڻ وارا سانحا هجن يا ٽريڪ تان لهڻ وارا وقعا هجن، اڄ تائين هڪ به واقعي جي انڪوائري رپورٽ قوم جي اڳيان پڌري نه ڪئي وئي آهي ته، آخر انهن واقعن/سانحن جو ذميوار ڪير آهي… اڄ تائين شيخ رشيد جيڪو هونئن ڳالهائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ عمران خان جو اعتبار وارو ”مڊل مئن“ آهي، پر هن ٽرين حادثن متعلق نام نهاد انڪوائرين ڪرائڻ جا جيڪي اعلان ڪيا هئا، ان ڏس ۾ اڄ تائين ڪا رپورٽ منظر عام تي نه اچي سگهي آهي.

ٽرين جو سفر محفوظ ناهي، روڊ جو سفر محفوظ ناهي ۽ نه هوائي سفر محفوظ آهي… زندگي جيتري پاڪستان ۾ سستي آهي شايد ئي ٻيو ڪٿي هجي. پي آءِ اي هونئن سرڪاري خزاني تي بار آهي ته ان جي ڪهاڻي الڳ ۽ ڊگهي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ اها پي آءِ اي هئي جنهن جو عملو عرب رياستن ۾ وڃي اتي جي عملي کي سکيائون ڏيندو هو ۽ پي آءِ اي دراصل هڪڙو مثال هو. اڄ عرب شيخن کي پنهنجي ايئرلائينن تي بجا فخر آهي ۽ هنن جون بين الاقوامي ايئرلائينون دنيا ۾ مشهور آهن. انهن ايئرلائينن ۾ سفر ڪرڻ جو جڏهن جڏهن به موقعو مليو آهي ته احساس ٿيندو آهي ته واقعي اهي ڪڏهن به خساري جي ور نه ٿيون چڙهي سگهن. (رڳو ڪورونا بحران سبب اهي هن وقت مشڪلات ۾ آهن.) هنن جو ڪسٽمر (مسافر) ظاهر آهي ته انٽرنيشنل سطح جو آهي… فوڊ کان مشروبن تائين هنن وٽ اسلام اڳيان ڪو نه ٿو اچي. سروس هنن جي ڪمال جي آهي. هتي جي عملي سان ڳالهايو ته اوهان کي مرڪي نه پر چڙي جواب ڏيندو. چيو وڃي ٿو ته پي آءِ اي جو عملو اڳ ايئن نه هو. ملڪي ايئرلائين جون ايئر هوسٽسس پوري دنيا ۾ مشهور هيون. سياحن جو به رخ پاڪستان طرف هوندو هو. ڪراچي، لاهور، اتريان علائقا، چترال، موهن جو دڙو وغيره اهي سڀ ماڳ سياحن جي لاءِ ڪشش جو سبب بڻيل هئا… پوءِ جيئن ضياءَ الحق جو ڪارو ڀوت ملڪ مٿان نڀاڳن پاڇولن جيان لٿو ته پاڪستان يڪسر بدلجي ويو. پاڪستان هڪ ملڪ ۽ معاشري طور نفرت ۽ زهر جو اهڙو محور بڻجي ويو، جنهن مان اسان اڄ به نڪري نه سگهيا آهيون. رڳو نڪري نه سگهيا آهيون پر جيڪي نوان تجربا ڪيا ويا يا ڪيا پيا وڃن، ان پاڪستان کي اڃا وڌيڪ اونداهي کاهي طرف ڌڪيندا ٿا وڃن.

لينڊنگ سائيٽ جي قريب عمارتن جو هجڻ ۽ جهاز جي ٽيڪنيڪل چڪاس وغيره اهي سڀ جاچ جا فني پهلو آهن جيڪي جامع انڪوائري ۾ سامهون اچڻ گهرجن، پر هتي انڪوائرين جو جيڪو رڪارڊ آهي، اهو ايترو خراب آهي جو ڪير ان خوشفهميءَ ۾ پوندو ته اها انڪوائري رپورٽ ايندي ۽ ان جي آڌار ذميوارن جو تعين ڪندي. جلد ئي افسوس ۽ همدرديءَ جي روايتي اظهار کانپوءِ هر ڪنهن کان وسري ويندو ته اهو حادثو پيش آيو هو. جن جا پيارا اجل جو شڪار ٿيا، بس انهن جي دل ۾ ماتم رهندو ۽ وري زندگي ساڳي سج دهج سان روان ٿي ويندي.

سڄي يورپ ۾ ڏسو، امريڪا ڏسو يا ايشيا جي انهن ملڪن ۾ ڏسو جتي زندگيءَ جو ملهه آهي، اتي روڊ توڻي هر قسم جا حادثا بنهه نه برابر ٿين ٿا. ٽرينون ته سڀ کان وڌيڪ محفوظ سفر تصور ڪيون وڃن ٿيون. اسان وٽ جيڪي ٽرينون هلن ٿيون اهي ته اهڙيون آهن، جن ۾ ڪنهن دور جي غلامن کي کڻي سگهجي ٿو. دنيا ۾ هوائي جهازن جا حادثا به نه جي برابر ٿين ٿا. ڀر واري پاڙيسري ملڪ انڊيا ۾ ريل جو سفر پڻ محفوظ سفر تصور ڪيو وڃي ٿو… ته پوءِ اسان وٽ سفر ايتري رسڪ ڇو بڻيل آهي؟ افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ته پاڪستان ۾ اسان ادارا، ايڊهاڪ پاليسين تي هلايا آهن ۽ انهن کي اهڙو نه بڻايو آهي جو اهي عوام جي سڪون ۽ آسانيءَ جو سبب بڻجن.

ريل جو ٽريڪ انگريز اسان کي ڏئي ويو. اهو فعال سسٽم هو، آرامده هو ۽ ريگيولر هو. ريلوي اسٽيشنون عمارتسازيءَ جو بهترين نمونو هيون، جن ۾ ويٽنگ روم، ڪينٽين، واش رومز مطلب هر سهوليت هئي. اهي عمارتون ڪشاده هيون ۽ هوادار. ريسٽ هائوسز ڏسو. آبپاشيءَ جو سسٽم ڏسو ۽ انهن جا ريسٽ هائسز. انگريز ته وڻ به مقامي هڻائيندا هئا جو اهي هتان جي آبهوا موجب هئا. اسان ان جي جاءِ تي ڪورنوڪارپس جي مصيبت کڻي آياسين ۽ يوڪلپٽس… جيڪي جر جي مٺي پاڻيءَ لاءِ تباهي آهن… پر اسان جا شاعر به يوڪلپٽس کي ڳائڻ لڳي ويا پر هنن نم، سرنهن، پپر، ٻير، ٻٻر سميت جيڪي مقامي وڻ هئا، اهي نظرانداز ڪري يوڪلپٽس ۽ صنوبر جي چڪر ۾ لڳي ويا. انگريز ان مامري ۾ اسان وارن ديسي صاحبن کان وڌيڪ مقامي رنگ ۽ حس رکندڙ صاحب ثابت ٿيو. ان وقت جي عمارتسازي ڏسو. وڏا دلان، ورانڊا ۽ گهر… هوادار ۽ صاف سٿرا. اهي اسان جي آبهوا کي نظر رکي تعمير ڪرايا ويا هئا. هاڻ اسان جيڪي ”سيمينٽ جي دٻن“ جهڙا فليٽ ٺاهيا آهن، ظاهر آهي ته انهن ۾ زندگي ايتري تنگ نه هوندي ته ٻيو ڇا هوندي. هاڻ رڳو شهرن ۾ ئي نه پر ٻهراڙين ۾ به تعمير اهڙي ٿئي ٿي. پنهنجي ماحوليات ۽ آبهوا کان خائف ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهن سان اهو نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو. هوئن ٻهراڙيءَ ۾ اوهان ايئرڪنڊيشنر نه ڏسندا هئا، هاڻ هر گهر ۾ اوهان ڏسندا، باقي بجلي سرڪاري آهي.

زندگيءَ جي هر مڪتبِ فڪر کي اڏوهي لڳي چڪي آهي. هر ڏسا ۾ زندگيءَ جي روشني جهڪي ٿيندي نظر اچي رهي آهي. صرف موت جو واعظ آهي جيڪو زر شور سان جاري آهي. هڪڙا ته ديني جبُي ۾ آهن جيڪي ثواب ڪمائڻ خاطر اسان جي ڌرتيءَ کي مستقل دوزخ ۾ تبديل ڪري ”مستقل جنت“ جي خواب ڏيکارڻ واري واعظ ۾ ڏينهن رات مصروف آهن. ٻيا جيڪي عوام جي ووٽ سهاري اسان تي حڪمراني ڪن ٿا، انهن ادارا اهڙا جوڙيا آهن جو گهر ۾ آهيو ته به محفوظ ناهيو ۽ جي سفر ۾ آهيو ته به محفوظ ناهيو. ڪجهه رياستي نعرا ۽ نظريا اوهان کي بڇيا اٿئون، سي ڏاڍي خبرداري ۽ مستقل مزاجيءَ سان اوهان تي ٿاڦڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. باقي اهي ادارا جيڪي عوام کي رليف ڏيڻ جو سبب بڻجن ۽ عوام جي زندگي مشڪل نه پر آسان بڻائين، انهن کي هنن ناڪاره بڻائي ڇڏيو آهي. پي آءِ اي به اهڙن ادارن مان هڪ آهي. جي اهو نفعي بخش ناهي ته رڳو ماڻهن جون زندگيون نه وٺي، ته به اسان ڪمايو…. پر ڏوهه مشينن جو نه پر ان ڪاروبار کي هلائيندڙن جو آهي.

اڃا ڪورونا وبا واري موت جو سرڪس فُل گيئر ۾ هو ته مٿان هي هوائي حادثو، ايترن انساني المين جي خبر کڻي آيو… سو ڪهڙيون عيدون ۽ خوشيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.