جهاز حادثي ۾ ڪوتاهي ثابت ٿي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس: غلام سرور خان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته جيڪڏهن جهاز حادثي ۾ ڪوتاهي ثابت ٿي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس.

غلام سرور خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ پي آءِ اي سي اي او ارشد ملڪ سان گڏجي حادثي واري هنڌ جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پائلٽ جاني نقصان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، واقعي ۾ متاثر ٿيندڙ گهرن ۽ گاڏين جي مرمت جو خرچ حڪومت برداشت ڪندي، شهرين جي مالي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو.

هن چيو ته حادثي جي مڪمل جاچ ٿيندي، حڪومت جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته جلد کان جلد حقيقتون پارليامينٽ سامهون رکيون وڃن، انڪوائري ڪميٽي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ جاچ مڪمل ڪندي، جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني به حادثي جي جاچ ڪندي، ايئر بس جا ماهر آزاد جاچ لاءِ ايندا، ڪوشش هوندي ته ٽن مهينن ۾ جاچ رپورٽ سامهون آڻيون.

سندس چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪنهن جي به ڪوتاهي ثابت ٿي ته اهو نه رڳو استعيفيٰ ڏيندو پر پاڻ کي احتساب لاءِ به پيش ڪندو ته اسان خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.