يوم القدس:سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فلسطين تي اسرائيلي قبضي خلاف ريليون

عوامي آواز رپورٽ
يوم القدس:سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فلسطين تي اسرائيلي قبضي خلاف ريليون
عوامي آواز رپورٽ يوم القدس:سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فلسطين تي اسرائيلي قبضي خلاف ريليون

سموري دنيا جيان سنڌ جي مختلف شهرن ميهڙ، قاضي احمد دوڙ ۽ ٺري ميرواهه ۾ يوم القدس جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون.

ميهڙ ۾ شيعه علماء ڪائونسل اصغريه آرگنائيزيشن ۽ جعفريا اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن طرفان مولانا مجاهد علي چانڊيو، سيد ثابت علي شاه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حسيني امام بارگاھ کان ميهڙ پريس ڪلب ۽ گهنٽا گهر تائين يوم القدس ريليون ڪڍيون ويون جتي ھٿن ۾ بينر ۽ جھنڊا کڻي آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان فلسطين جي مظلومن جي حمايت جڏهن ته  اسراعيل جي جارحيت ۽ ظلم جي مزمت ڪيون ٿا.

قاضي احمد ۾ جمعۃ الوداع تي يوم القدس بيت المقدس جي آزادي جي لاء شيعا علماء ڪونسل پاڪستان تعلقه قاضي احمد جي اڳواڻن مولانا عطا حسين چانڊيو ، سيد مشتاق حسين ۽ ٻين پاران مسجد سهلا  اڳيان ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن زوار غلام شبير مھر، مولانا ارشادعلي سرگاڻي ۽ ٻين چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل پاران فلسطين جي مظلوم مسلمانن تي ظلم ۽ ناجائز قبضي جي مذمت ڪيون ٿا.

هنن چيو ته ھنن گهر ڪئي ته بيت المقدس تان يھودين جو قبضو ختم ڪرايو وڃي.

دوڙ ۾ شيعا علماء ڪائونسل طرفان مرڪزي امام بارگاهه کان مولانا محمد حسن مشهدي، مولوي ضمير حسين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن مولوي رياض، علي حسين ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته امت مسلما ۾ ٻڌي ۽ اتحاد نه هئڻ ڪري مسلمانن جي پهرين خانه ڪعبي بيت المقدس تي اسرائيل جو قبضو آهي.جيڪڏهن دنيا جا مسلمان هڪ هڪ پاڻي جي بالٽي اسرائيل مٿان هارين ته به هو ٻڏي غرق ٿي ويندو

ٻين شهرن جيان ٺري ميرواھ ۾ به وحدت المسلمين پاڪستان۽ سياسي توڙي سماجي تنظيمن پاران فلسطين تي اسرائيلي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

 

ان موقعي تي اڳواڻن مولانا نبي بخش دانش، پروفيسر رضا حسين رضواني ۽ ٻين چيو ته اسرائيل ھڪ غاصب ۽ ناجائز ملڪ آھي جنھن جي ھٿان مظلوم فلسطيني عوام کي بيگناھ قتل ڪيو وڃي ٿو.

هنن چيو ته اسان اسرائيل جي ناپاڪ ناجائز ارادن کي شڪست ڏيڻ لاءِ عالم اسلام ۽ انسانيت لاءِ احتجاج ڪندا  رھنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.