سيد مراد علي شاهه جو ڪراچي ۾ جهاز حادثي واري جاءِ جو معائنو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ جهاز حادثي جي جاءِ جو معائنو ڪيو ۽ حادثي جي متاثر ماڻهن جي فوري مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته زخمين کي بچائڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، سنڌ جي وڏي وزير شهر جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي به لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته اسپتالن ۾ فوري طور تي رت جو بندوبست ڪيو وڃي.

وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته حاڊثي جي ڪري علائقي جي گهرن کي به نقصان رسيو آهي جنهن تي هن چيو ته گهرن کي مالڪن جي هر طرح جي مدد ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.