بلوچستان حڪومت به عيد جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت 22 کان 27 مئي تائين عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

صوبائي حڪومت طرفان جاري پڌرائي موجب عيد جي موڪلن جي دوران واپار مرڪز، عوامي ماڳ، بازار ۽ دڪان بند رهندا.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عيد جي موڪلن جي دوران ميڊيڪل اسٽورز ۽ ضروري شين جا دڪان کليل رهند .

خيال رهي ته بلوچستان حڪومت گذريل ڏينهن صوبي ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون کي 15 ڏينهن جي لاءِ وڌائي ڇڏيو آهي جيڪو هاڻ 2 جون تائين برقرار رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.