کنڊ بحران: جهانگير ترين، شهباز شريف، مونس الاهي، اومني گروپ پئسو ٺاهيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت کنڊ بحران تي وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) جي جاچ رپورٽ جي فرانزڪ ڪندڙ ڪميشن جي حتمي رپورٽ منظر تي آڻي ڇڏي، جنهن تحت جهانگير ترين، مونس الاهي، شهباز شريف ۽ سندس گهرڀاتين، اومني گروپ ۽ خسرو بختيار جي ڀاءُ عمر شهريار جي ملز پئسا ٺاهيا.

فرانزڪ آڊٽ رپورٽ ۾ کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ريڪوري ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رپورٽ ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته ريڪوري جي رقم ڪمند جي متاثر آبادگارن ۾ ورهائي ويندي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سڌ سماءَ واري وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته ملڪي تاريخ جو اڄ اهم ڏينهن آهي، اڳ ۾ ڪنهن حڪومت جي ايڏي وڏي همت نه هئي ته اهڙي ڪميشن ٺاهي.

هن ٻڌايو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا انڪوائري رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تاريخي ڏينهن تي اسان کي ساراهڻ گهرجي، اسان صحيح رُخ ڏانهن وڌي رهيا آهيون، ڪميشن کنڊ بحران جو ذميوار ريگوليٽرز کي قرار ڏنو آهي، جن جي غفلت سبب کنڊ بحران پيدا ٿيو ۽ اگهه وڌيو.

سندس چوڻ هو ته ڪميشن ڪيس نيب، وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ۽ اينٽي ڪرپشن کي موڪلڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته ڪابينا ريڪوري ڪري پئسو عوام کي ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي ۽ وزيراعظم اها ذميواري مون کي سونپي آهي، عيد کانپوءِ وزيراعظم جي هدايتن تي سفارشون تيار ٿينديون، اڃا ڪنهن جو به نالو اي سي ايل ۾ ناهي وڌو ويو، ڪو جاچ ادارو چوندو ته ڪابينا نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ تي غور ڪندي.

شهزاد اڪبر موجب انڪوائري ڪميٽي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي آهي، رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته شوگر ملز آبادگارن کي امدادي اگهه کان گهٽ پئسو ڏين ٿيون ۽ آبادگارن جي ڪمند جي وزن ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي، ڪچي پرچي ۽ ڪميشن ايجنٽ ذريعي گهٽ اگهه تي آبادگارن کان ڪمند ورتو ويندو آهي ۽ ان جي لاڳت وڌيڪ ڏيکاري ويندي آهي.

هن چيو ته 2019 ۾ ڪمند 140 رپين کان به گهٽ ۾ خريد ڪيو ويو ۽ شوگر ملون 15 کان 30 سيڪڙو تائين مقدار گهٽائي آبادگارن کي نقصان پهچائينديون رهيون، جڏهن ته کنڊ جي اگهه ۾ 33 سيڪڙو واڌ ٿي، 2018-2017 ۾ شوگر ملز کنڊ جي في ڪلو لاڳت 51 رپيا رکي، جڏهن ته ان عرصي ۾ في ڪلو لاڳت 38 رپيا هئي.

سندس چوڻ هو ته 2019-2018 ۾ اصل لاڳت ۾ ساڍا 12 رپيا في ڪلو فرق ظاهر ٿيو، جڏهن ته 20-2019 ۾ کنڊ جي في ڪلو لاڳت ۾ 16 رپين جو فرق ظاهر ٿيو، آبادگارن سان گڏجي ملز مالڪ اَن آفيشل بئنڪنگ به ڪندا رهيا آهن، وزيراعظم سدائين چوندو آهي ته ڪاروبار ڪندڙ سياست ۾ به ڪاروبار ڪندو، وزيراعظم جي اها ڳالهه سچ ثابت ٿي وئي آهي.

خاص مددگار جو چوڻ هو ته کنڊ جي اگهه ۾ هڪ رپيو واڌ ڪري 5.2 ارب رپيا منافعو ڪمايو ويندو آهي، پاڪستان جي برآمد ۽ افغانستان جي درآمد ڊيٽا ۾ فرق آيو آهي، هڪ ٽرڪ 15 کان 20 ٽن کڻي وڃي سگهي ٿي، هتي هڪ ٽرڪ تي 70 کان 80 ٽن کنڊ افغانستان وئي.

شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف فيملي جي ڪمپني ۾ ڊبل رپورٽنگ ثابت ٿي، 2018-2017 ۾ انهن 1.3 ارب رپيا واڌو ڪمايا، جڏهن ته 19-2018 ۾ انهن 78 ڪروڙ رپيا واڌو ڪمايا، جهانگير ترين جون شگر ملز ڊبل بلنگ، اوور انوائسنگ ۽ ڪارپوريٽ فراڊ ۾ ملوث نڪتيون آهن، خسرو بختيار جي ڀاءُ جي شگر مل آهي، ان جي پنهنجي ناهي، خسرو بختيار جي ڀاءُ وٽ ڪو سياسي عهدو ناهي، خسرو بختيار کي عهدو ڇڏڻ جو نٿا چئي سگهون، جيڪو سڌي ريت ملوث هوندو، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.

هن چيو ته فرانزڪ آڊٽ ۾ شارٽ لسٽ ڪيل ملز ۾ پهرين مل الائنس آهي، جيڪا ”آر واءِ ڪي“ گروپ جي ملڪيت آهي، آر واءِ ڪي گروپ ۾ مونس الاهي جا 34 سيڪڙو شيئرز آهن، وزيراعظم جو فيصلو آهي ته ڪميشن جي رپورٽ عوام سامهون رکي وڃي، وزيراعظم چيو آهي ته 9 کانپوءِ هاڻ باقي شوگر ملز جي به فرانزڪ ٿيڻ گهرجي، عمران خان عيد کانپوءِ سفارشون طلب ڪيون آهن، ان لاءِ مون کي ذميواري ڏني وئي آهي، اٽي جي مد ۾ ٽئي رپورٽون پي آءِ ڊي جي ويب سائيٽن تي موجود آهن.

شهزاد اڪبر چيو ته سنڌ حڪومت 9.3 ارب رپين جي سبسڊي ڏني، ڪميشن لکيو آهي ته اومني گروپ کي فائدو ڏيڻ لاءِ سبسڊي ڏني وئي، 20-2019 ۾ وفاق ڪا سبسڊي نه ڏني، 2018 ۾ شاهد خاقان عباسي جي دور ۾ سبسڊي ڏني وئي، گذريل 5 سالن ۾ شوگر ملز کي 29 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته دوائن جي معاملي ۾ انڪوائري مون کي سونپي وئي هئي، انڪوائري ڪري رهيو آهيان ته ڇا جن دوائن جي اجازت ڏني وئي، اهي درآمد ڪيون ويون.

ان موقعي تي اطلاعات واري وزير شبلي فراز چيو ته حڪومت جو منشور تبديلي آڻڻ ۽ مافيا کي بي نقصان ڪرڻ آهي، اڻ چونڊيل ڪابينا ميمبرن به پنهنجا اثاثا ڊڪليئر ڪندا، وزيراعظم اڻ چونڊيل صلاحڪارن ۽ مددگارن جا اثاثا به ظاهر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.