ٽنڊو آدم: دوستن هٿان ساڙي زخمي ڪيل نوجوان فوت

عوامي آواز رپورٽ
ٽنڊو آدم: دوستن هٿان ساڙي زخمي ڪيل نوجوان فوت
عوامي آواز رپورٽ ٽنڊو آدم: دوستن هٿان ساڙي زخمي ڪيل نوجوان فوت

ٽنڊي آدم ۾ مهينو اڳ دوستن هٿان ساڙي زخمي ڪيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

ٽنڊي آدم ويجھو هڪ مهنيو اڳ فيڪٽري ۾ گڏ ڪم ڪندڙن ٻن دوستن ذيشان راجپوت ۽ وسيم راجپوت پاران پيٽرول هاري ساڙي زخمي ڪيل نينگر ڪامران عرف ساجد خاصخيلي زخمن جي سٽ نه سهندي سول اسپتال ڪراچي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙهه تعلقا اسپتال ٽنڊو آدم آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

فوتي نينگر جي چاچي غلام قادر خاصخيلي ٻڌايو ته جوابدار ذيشان راجپوت ۽ وسيم راجپوت بلاجواز اسان جي نينگر ساجد خاصخيلي کي گهران سڏ ڪري سندس مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو جنهن کي اسان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي سول اسپتال کڻائي وياسين جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي  فوت ٿي ويو

هن مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.