موسميات کاتي ڪراچي واسين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي شهر جي واسين کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته ڪراچي ۾ هيٽ ويو جو خطرو ٽري ويو آهي.

موسميات کاتي سائونڊي هوائون مڪمل طور تي بند نه ٿيڻڻ ڪراچي ۾ هيٽ ويو جي ۾ اڳڪٿي ۾ تبديلي ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ هيٽ ويو جا امڪان هاڻ ختم ٿي ويا.

چيف ميٽرولوجسٽ ڪراچي سردار سرفارز موجب هيٽ ويو جون علامتون ظاهر ڪندڙ علامتون ختم ٿي چڪيون آهن، بلوچستان جي اتر اولهه هوائون به شهر تي اثر انداز ناهن ٿي رهيون ان ڪري انهن علامتن جي تحت چئي سگهون ٿا ته شهر ۾ هيٽ ويو جا امڪان هاڻ ختم ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.