هن سال عيد تي ڪيتريون موڪلون ملنديون…؟ سنڌ حڪومت جو اهم اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت به وفاق جيان 22 کان 27 مئي تائين عيد الفطر جي 6 ڏينهن موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سروسز کاتي، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن طرفان نوٽيفڪيشن موجب صوبائي حڪومت طرفان عيد الفطر جي مقدس تهوار جي لاءِ 22 کان 27 مئي (جمعي کان اربع) تائين عام موڪلن جو اعلان ڪيو پيو وڃي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته اهي موڪلون سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسن، ڪارپوريشنز ۽ سنڌ حڪومت جي بندوبست هيٺ مقامي ڪونسلز تي ٿيندو جڏهن ته ضروري سروسز ۽ ڪورونا وائرس جي خاتمي سان سلهاڙيل کاتا ۽ آفيسون ان کان آجيون هونديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.