خليل الرحمان پاران اسلامي تاريخ تي ٻڌل ڊرامو لکڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊرامن جي مشهور ليکڪ خليل الرحمان قمر اسلامي تاريخ تي ٻڌل ڊرامو لکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خليل الرحمان قمر چيو ته هو ترڪ ڊرامي ارتغرل جي طرز جي هڪ تاريخي پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو  آهي.

هن چيو ته هي وقت اسان جي نئين نسل ۾ پنهنجي اهڙي هيرو کي متعارف ڪرائڻ جو اآهي جنهن کي هو نٿا سڃاڻين.

خليل الرحمان قمر چيو ته هن عظيم اسلامي هيرو تي هڪ سيريل لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ هو تحقيق ڪري رهيو آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب پڻ پڙهي رهيو آهي جڏهن ته هلندڙ هفتي ڊرامو لکڻ به شروع ڪندو.

سندس چوڻ هو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر “ميري پاس تم هو” ڊرامي جي ڪاسٽ کي کڻندو ۽ ڊرامي ۾ مرڪزي هيرو جو ڪردار اداڪار همايون سعيد ادا ڪندو جڏهن ته نديم بيگ ان ڊرامي جو ڊائريڪٽر هوندو.

هن چيو ته هو گذريل 12 ورهين کان همايون سعيد کي  ان طرح جو ڪو پراجيڪٽ ڪرڻ جو چئي رهيو آهي پر محدود وسيلن سبب هو پنهنجي خواب کي حقيقت ۾ تبديل نٿو ڪري سگھي.

ڊرامن جي ليکڪ سيريل جا وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان پاسو ڪندي چيو ته اهو سيريل عالمي معيار جو هوندو جنهن سموريون حقيقتون موجود هونديون.

خليل الرحمان چيو ته هو ان پراجيڪٽ جو باقاعده اعلان ڪرڻ لاءِ جلد پنهنجي ٽيم سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندو.

ان موقعي تي هن ارتغرل ڊرامي جي به تعريف ڪئي ۽ ان جي ڪاسٽ جي زبردست حوصلا افزائي ڪندي چيو ته ارتغرل مسلمانن جو هيرو هو، ڀلي اهو سيريل ترڪي ۾ ٺهي يا ڪنهن به ملڪ ۾ پر هيرو تبديل ناهي ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.