ارطغرل جي فنڪارن تي تنقيد ڪندڙن کي احسن خان جو جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار احسن خان ترڪي جي مشهور ڊرامي “ارطغرل غازي” جي فنڪارن تي تنقيدڪندڙن کي چپ ڪرائي ڇڏيو.

تقريبن 6 ورهيه اڳ ترقي ۾ نشر ٿيندڙ اسلامي تاريخ تي ٻڌل “ديريلش ارطغرل” جنهن کي “ارطغرل غازي” به چيو وڃي ٿو اڄ ڪالهه پاڪستان جي سرڪاري ٽي وي تي اردو ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڊرامي جي پهرين قسط ئي پاڪستانين کي پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي.

جتي سوشل ميڊيا تي ڊرامي کي گھڻي موٽ ملي رهي آهي اتي ئي ڪجهه پاڪستاني مداح ڊرامي جي ڪردارن جي ذاتي زندگي ۽ سندن لباس ۽ انداز تي تنقيد به ڪري رهيا آهن. ڊرامي ۾ ارطغرل جي زال حليمه سلطان جو ڪردار ادا ڪندڙ ترڪ اداڪارا اسرا بلجيڪ جي اداڪاري ۽ معصوميت پاڪستان کي پنهنجي ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي.

پر اسرا ذاتي زندگي ۾ حليمه ڪردار کان بلڪل مختلف آهي تازو ئي هن پنهنجي انسٽاگرام تي اولهه جي طرز جي لباس ۾ تصوير پوسٽ ڪئي جنهن کي ڏسي پاڪستاني مداحن مٿس تنقيد ڪندي اسلامي طرز جو لباس پهرڻ جون هدايتون جاري ڪرڻ لڳا.

هوڏانهن ڊرامي جي هيرو ارطغرل جي هڪ تصوير جنهن ۾ هو پنهنجي هٿ ۾ پنهنجي پالتو ڪتي کي کڻي ويٺل آهي جنهن تي پاڪستانين مٿس تنقيد ڪئي.

پاڪستانين طرفان ارطغرل جي ڪردار تي ڪيل تنقيدي تبصرن جا اسڪرين شاٽس سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا آهن جن کي ڏسي اداڪار احسن خان ڪاوڙجي پيو ۽ هن ٽوئيٽر تي تنقيد ڪندڙن کي چيو ته “آئون ڄاڻان ٿو ته پاڪستان ۾ ماڻهو سوچيندا اهن ته هتي اداڪارن تي تنقيد ڪرڻ ۽ کين جج ڪرڻ ٺيڪ آهي. گھٽ ۾ گھٽ ارطغرل جي ڪاسٽ ۽ فنڪارن تي ته بخشو. اهو جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي شرم جوڳو آهي اسان ڪير ٿيندا آهيون هنن سان اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ وارا”؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.