واٽس ايپ پاران واهپيدارن کي قرض فراهم ڪرڻ جو منصوبو

واٽس ايپ ڊگھي عرصي کان ڀارت ۾ پيمينٽ سروس سروع ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي پر اهو پروگرام رڳو ادائگين تائين محدود نه هوندو.

حقيقت ۾ اها ڪمپني پنهنجن قرض ڏيندڙن جي امڪانن تي به ڪم ڪري رهي آهي.

اپريل ۾ ڪمپني طرفان اهڪ ريگيوليٽري درخواست جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ ڪمپني جو چوڻ هو ته هو پنهنجن واهپيدارن ۽ ٻين کي رقم قرض طور يا ايڊوانس طور تي سيڪيورٽي سان يا سواءِ ڏيڻ چاهي ٿي.

پر ڀارتي قانونن ڪمپني کي ڪنهن به قسم جي بينڪنگ ڪاروبار کان روڪي ٿو ۽ ان منصوبي لاءِ ان کي ڪنهن بينڪ سان ڀائيواري ڪرڻي پوندي.

واٽس ايپ 2018ع ۾ يونيفائيڊ پيمينٽ انٽرفيس (يو پي آءِ) جي آزمائش ڀارت ۾ 10 لک واهپيدارن تي شروع ڪئي هئي.

پر اهو منصوبو مختلف ريگيليٽري پابندين سبب اڃا تائين ناهي ٿي سگھيو ۽ ڪموني گذريل سان جي آخر ۾ ان پيمينٽ فيچر کي متعارف ڪرائڻ چاهي پئي. پر انتظاميا منظوري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

فيس بڪ جي ڀارت ۾ سربراهه موهن اپريل ۾ هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته واٽس ايپ پيمينٽ جا واهپيدار هن وقت به 10 لک ئي آهن.

ڀارت ۾ واٽس ايپ جا 40 ڪروڙ واهپيدار آهن ۽ ڊجيٽل پيمينٽ جي شعبي ۾ اهي ٻين ڪپنين جهڙوڪ پي ٽي ايم، فون پي ۽ گوگل تيز کي پوئتي ڌِڪي سگھي ٿي.

هڪ اندازي موجب ڀارتي ڊجيٽل پيمينٽ انڊسٽري 2020ع تائين هڪ ٽرلين ڊالرن تائين پهچي سگھي ٿي.

اپريل ۾ فيس بڪ ڀارتي موبائل ڪمپني ريلائنس جيو ۾ لڳ ڀڳ 6 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي هئي ۽ ان معاهدي تحت ان ڪمپني جي ماتحت شاخ جيو مارٽ هڪ پروگرام تحت ماڻهن کي راشن جي خريداري جو آرڊر واٽس ايپ تان ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته واٽس طرفان قرض جي فراهمي جو منصوبو ان وقت سامهون آيو جڏهن ايمازون پي ليٽر جي نالي سان هڪ پراڊڪٽ متعارف ڪرايو جنهن تحت واهپيدار 20 هزار ڀارتي ريپن تائين شيون قرض تي خريد ڪري سگھندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.