بوزدار وڏا: پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
عوامي آواز رپورٽ

بوزدار وڏا ۾ اڄڻ برادري ماڻهن پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو

شاڪر اڄڻ، عبدالستار اڄڻ، اختر اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اڄڻ برادري جي ماڻهن احتجاج ڪيو

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته بوزداروڏا پوليس راڻيپور کان ايندڙ اسان جي نوجوان شاڪر اڄڻ جي گاڏي کي هٿ ڏئي شراب رکڻ جي ڪوشش ڪئي جتي مزاحمت ڪرڻ تي شهري گڏ ٿيا ۽ پوليس اتان کسڪي وئي

هنن چيو ته بوزداروڏا ٿاڻي تي مقرر سپاهي باقر شر مختلف حربن سان اسان کي تنگ ڪري ٿو

احتجاج ڪندڙ ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پوليس خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.