هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو ساهه جي پراسرار بيماري مبتلا

جنيوا (ويب ڊيسڪ) عالمي ماهرن چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ساهه جي پراسرار بيماري ”سليپ اپنيا“ متاثرن جو انگ هڪ ارب تائين پهچي ويو آهي.

طبي ماهرن موجب سليپ  اپنيا نالي بيماري پراسرار انداز سان حملو ڪندي آهي جنهن کان پوءِ متاثر شخص جو زندگي گھارڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.

علامتون

ماهرن موجب اهو وائرس ان وقت حملو ڪندو آهي جڏهن انسان ننڊ ۾ هوندو آهي، متاثر شخص ننڊ جي چوٿين حصي داخل ٿيندو آهي ته ان جي جسم جا پٺا ڍلا ٿي ويندا آهن. جيڪڏهن اها صورتحال ڳلي سان هجي ته ساهه جون ناليون به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن ۽ آواز بالڪل بند ٿي ويندو آهي.

طبي ماهرن موجب ساهه يا آواز بند ٿيڻ جو عمل ڪجهه لمحن لاءِ هوندو آهي جنهن سبب ننڊ پيل شخص ڇرڪ ڀري اٿندو آهي، ان لمحي ۾ دل جو ڌڙڪو تيز ، پگھر اچڻ جسم ڏڪڻ لڳندو آهي.

صحت جي ماهرن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ساهه جي بيماري (سليپ اپنيا) سبب سڄي دنيا ۾ متاثرن جو انگ هڪ ارب تائين پهچي ويو آهي.

بيماري جا اثر

ماهرن موجب بيماري جو اثر انسان جي دماغي خلين، دل جي پٺن ۽ رڳن تي پوندو آهي. ان جو شڪار ماڻهن  ۾ آڪسيجن جي لاڳيتون گھٽتائي ٿيندي آهي جنهن ڪري انهن جي رت ۾ به خطرناڪ تبديليون اينديون آهن جيڪي جسم جي ٻين حصن کي سخت نقصان پهچائيندي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.