ڪورونا وائرس سرجيڪل ماسڪ تي 7 ڏينهن تائين زندهه رهي ٿو

نيئن نوول ڪورونا وائرس کان تحفظ لاءِ فيس ماسڪ جو استعمال گھڻو ٿي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ مختلف ملڪن ۾ ان جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

اهو وائرس اميون سسٽم کي متاثر ڪندو آهي ۽ هوا ۾ موجود ذرڙن ذريعي پکڙبو آهي جيڪي ڪنهن متاثر فرد جي کنگھه يا نڇ مان خارج ٿيندا آهن جيڪي ذرڙن جي  ويجهو موجود انسان جي نڪ يا وات ذريعي  يا ساهه کڻڻ دوران اندر هليا ويندا آهن.

پر ڪنهن ۾ ان مان متاثر ٿيڻ جو خطرو ان وقت به هوندو آهي جڏهن هو ڪنهن اهڙي شيءِ جي سطح کي ڇُهي جنهن تي اهي وائرل ذرڙا موجود هجن ۽ ان کان پوءِ پنهنجي وات، نڪ يا اکين کي ڇهي،

ڪنهن به سطح تي وائرس جي زندگي جو دارومدار مختلف عنصرن جهڙو ڀرپاسي جو پارو، گھم ۽ سطح جي قسم تي هوندو آهي.

هاڻ انڪشاف ٿيو آهي ته اهو ائرس سرجيڪل فيس ماسڪ تي هڪ هفتي تائين زندهه رهي سگھي ٿو.

دي لانيسٽ ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو وائرس اسٽين ليس اسٽيل، پلاسٽڪ ۽ سرجيڪل ماسڪ تي 7 ڏينهن تائين زندهه رهي سگھي ٿو.

ان تحقيق دوران سائنسدانن وائرس جي زندگي جو اندازو 21 ڊگري سينٽي گريڊ واري هڪ ڪمري ۾ ڪيو ويو جتي گھم جو تناسب 65 سيڪڙو هو.

محققن دريافت ڪيو ته 3 ڪلاڪن کان ٽشو پيپر ۽ ڪاغذ تان وائرس غائب ٿي ويو، جڏهن ته ڪاٺ ۽ ڪپڙن ۾ اهو وائرس 2 ڏينهن موجود رهيو.

گلاس ۽ نوٽن تي 4 ڏينهن تائين رهيو جڏهن ته اسٽين ليس اسٽيل ۽ پلاسٽڪ تي 7 ڏينهن تائين ان کي دريافت ڪيو ويو.

محققن ٻڌايو ته هو سمورن مٽيريلز جيڪي ان تحقيقي ۾ شامل ڪيا ويا، سڀ کان وڌيڪ وقت تائين اهو وائرس سرجيڪل ماسڪ جي ٻاهرين حصي تي موجود رهيو آهي.

هڪ هفتي تائين جي تحقيق دوران وائرس بدستور ماسڪ جي ٻاهرين حصي تي موجود هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.