ٺٽي ۾ لاڪ ڊائون، بيروزگار پورهيتن جي واهر نه ٿي

ٺٽو (ڊ ر)  لاڪ ڊائون جي 12 ھين ڏينھن تي پڻ ٺٽو، مڪلي سميت سمورو ننڍن، وڏن شھرن ۾ ڪاروبار مڪمل بند رھيا. جمعي ڏينھن سنڌ سرڪار پاران 12 کان 3 وڳي تائين لاڳو ڪيل مڪمل لاڪ ڊائون جي ڪيل اعلان تي عمل ڪندي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان پاران قانون نافذ ڪندڙ اھلڪارن سان گڏ ٺٽو ۽ مڪلي جي شھرن جي گشت ڪيو. ان موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو طرفان شھرين ۽ ڳوٺاڻن کي پنھنجي گھرن تائين محدود رھڻ جون ھدايتون ڪيون ويون.  شهر جي سمورن داخلي توڙي خارجي رستن کي سيل ڪيو ويو، ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري ٺٽي ۽ مڪلي جي مين اسٽاپ ۽ مختلف هنڌن تي ڪريڪ ڊائون ڪري سخت لاڪ ڊائون واري حڪم جي خلاف ورزي ڪرڻ تي 30 کان مٿي نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن تہ مڪمل ڪاروباري مرڪزن جي بند ھجڻ سان گڏ روڊ پڻ سنسان رھيا،  جڏھن تہ اڃان تائين بيروزگار ٿيل پورھيتن جي سرڪاري سطح تي مالڪي ٿي ناھي سگھي، جن جا خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل اھن، بئي طرف شاھ لطيف ڪالوني مڪلي، جوڳي ڪالوني مڪلي سميت ضلعي ٺٽي جي سمورن بک جي ستايل غريب ماڻھن سنڌ سرڪار، ضلعي انتظاميہ، چونڊيل نمائندن سميت وس وارن کان واھر جي اپيل ڪندي راشن ڏيڻ جي گھر ڪئي آھي، جيئن ٻچن کي بک ۽ بدحالي کان بچائي سگھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.