صوبائي وزير سيد سردار شاهه ضلعي عمر ڪوٽ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو

عوامي آواز رپورٽ
صوبائي وزير سيد سردار شاهه ضلعي عمر ڪوٽ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو
عوامي آواز رپورٽ صوبائي وزير سيد سردار شاهه ضلعي عمر ڪوٽ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو

صوبائي وزير سيد سردار شاهه پاران ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت انتظاميا پاران ورتل اپائن جي سلسلي ۾ ضلعي جي مختلف شهرن جو دورو ڪيو

صوبائي وزير سيد سردار شاهه، پ پ اڳواڻ سيد سرتاج شاهه، ڊي سي عمر ڪوٽ نديم الرحمن ميمڻ ۽ ٻين سان گڏجي عمرڪوٽ، ڍورونارو، ڪنري ۽ سامارو ۾ لاڪ ڊائون جي صوتحال جو جائزو وٺڻ دوران انتظاميا کي وڌيڪ اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪئي صوبائي وزير سيد سردار شاه تعلقه  اسپتال سامارو  پهچي مريضن کان حال احوال ورتا ۽ اسپتال ۾ صفائي صحيح نه هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ صحت کاتي طرفان ٺاهيل آئيسوليشن وارڊ جو دورو پڻ ڪيو

ان موقعي سيد سردار علي شاھ  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعلقه اسپتال سامارو ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي ڊاڪٽرن جي کوٽ جلد ختم ڪنداسين هن چيو ته عوام سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري فيصلي تي عمل ڪري زميوار شهري هجڻ جو ثبوت ڏي

سيد سردار شاهه چيو ته ٻاهران آيلن کي چيڪ ڪيو پيو وڃي هاڻي صرف اسان کي احتياط ئي ڪرڻو پوندو، ان موقعي تي اڳوڻو تعلقه ناظم حاجي ذوالفقار خاصخيلي، تعلقه انفارميشن سيڪريٽري ڏاتر بخش سينهڙو ۽ ٻيا به موجود هئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.