گلگلت:ڪورونا خلاف جنگ ۾ شريڪ سرڪاري ملازمن کي هڪ مهيني جي واڌو پگهار ڏيڻ جو اعلان

گلگت(ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي وڏي وزير ڪورونا جي خلاف جنگ ۾ شريڪ سرڪاري ملازمن کي هڪ مهيني جي واڌو پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي ترجمان موجب پيرا ميڊيڪل اسٽاف، اسپيشلسٽ ڊاڪٽرز ۽ ويسٽ مينجمنٽ ملازمن کي واڌو پگهار ڏني ويندي.

گلگت بلتستان جي ترجمان جو چوڻ هو ته لاڪ ڊائون دوران غريب ۽ مستحق ماڻهن کي مفت راشن فراهم ڪنداسين.

ترجمان ٻڌايو ته سيڪريٽري پاپوليشن ويلفيئر کي مستحق ماڻهن جون فهرستون تيار ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.