ڪوٽڏيجي لڳ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺڙي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان حاجاڻا برادري جي ماڻهن جو لاشاري برادري جي گھرن مٿان حملو ڏنڊن ۽ سروٽن جو وسڪارو جنهن ۾ اياز لاشاري غفور علي لاشاري نويد حسين لاشاري ۽ فدا لاشاري سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي وارٽن کڻائي ڪوٽڏيجي اسپتال پهچايو جتي زخمين جي حالت خراب هجڻ ڪري خيرپور سول اسپتال ڏانهن ريفر ڪيو ويو زخمين اسپتال ٻاهران احتجاج ڪندي ٻڌايو ته محمد جڙيل حاجاڻو، خدن ۽ ولي محمد حاجاڻو ۽ ٻين نامعلوم ماڻھن سان ڪري اسان جي گهرن مٿان ڏنڊن سروٽن سان اسان مٿان حملو  ڪري فرار ٿي ويا هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته حاجاڻا برادري جي ماڻهن بلا جواز اسان جي گهرن مٿان حملوڪندڙ بااثر حاجاڻا جي ماڻهن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.