پارلياماني ليڊرن جو آن لائن اجلاس: پ پ اڳواڻ جو وزير اعظم جي عمل تي رد عمل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙي چيو آھي ته وزيراعظم کي جمھوري آدابن جي خبر ئي ناھي ۽ خان صاحب کي شايد اڃان تائين اھو يقين ئي نٿو اچي ته کيس وزيراعظم بڻايو ويو آھي.

وزيراعظم پاران پارليماني ليڊرن جي وڊيو ڪانفرنس واري اجلاس مان پنھنجي ڳالھه ڪري اٿي وڃڻ واري عمل جي مذمت ڪندي نثار احمد کھڙي چيو ته وزيراعظم ڪرونا جھڙي مرض جي مسئلي تي مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ٻڌڻ جي صلاحيت ئي نٿو رکي ۽ وزيراعظم جو ڪرونا وائرس تي غير سنجيدہ رويو ثابت ڪري رھيو آھي.

ھن چيو ته وزيراعظم خان صاحب اڃان تائين پاڻ کي ڪنٽينر تي سوار سمجھي رھيو آھي جنھنڪري ھو پنھنجو آخري خطاب سمجھي ھليو ويو، سندس اھو رويو عوام جي بھتري لاءِ ڪڏھن به فائديمند نه ٿيندو.

ھن چيو ته ڪورونا جي وبا کي منھن ڏيڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جي ضرورت آھي جنھن لاءِ سڀني سياسي جماعتن جي اڳواڻن جي راءِ کي شامل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.